ڀائي ڪنيا

ڀائي ڪنيا

ڀائي ڪنيا

ڀائي ڪنيا ( 1718-1648 ):ڀائي ڪنيا 1648ع ڌاري ڌمڻ کتريءَ جي گهر ضلعي سيالڪوٽ جي شهر وزيرآباد ۾ ڄائو . کيس سيوا پنٿي يا اڌن پنٿي سک فرقي جو باني سمجهيو وڃي ٿو . سندس پيءُ هڪ امير واپاري هو ، پر ڀائي ڪنيا فقيراڻي طبيعت جو ماڻهو هو ، سندس لاڙو مذهب ڏي گهڻو هو ، جوانيءَ کان ئي سُک ۽ شانتيءَ جو متلاشي رهيو . هن جي من کي شانتي تڏهن ملي ، جڏهن هي گرو تيغ بهادر سان مليو ۽ سندس چيلو ٿيو . هن اٽڪ شهر لڳ ڳوٺ ڪهرا ۾ هڪ ڌرم شالا قائم ڪئي ، جيڪا اڳتي هلي سکن جو تبليغي مرڪز بڻي . هن جي زندگيءَ جو مقصد رڳو اهو هو ته هو بنا لالچ ۽ لوڀ جي عام خلق جي خدمت ڪري ، جنهن ۾ ڪنهن خاص مذهب ، رنگ ، نسل ۽ قوميت جو فرق نه هجي . 05-1705 ڌاري جڏهن آنند پور سکن جو مرڪز هو . مغلن کين تائي ڏنو ته ان لاءِ سکن مغل فوج سان مهاڏو اٽڪايو ، انهيءَ جنگ دوران ڀائي ڪنيا جي ڪلهي ۾ پخال هوندي هئي ۽ هو بنا ڪنهن متڀيڌ جي سڀني زخمين کي پاڻي پياريندو نظر ايندو هو . هي مسلمان زخمين جي به اهڙي سنڀال ڪندو هو ، جهڙي سک زخمين جي . جنهن تي سکن مٿس تنقيد ڪئي ۽ اهڙي دانهن گرو گوبند سنگهه کي ڏنائون ته هو دشمنن سان مليل آهي . کيس دشمنن جي خدمت ڪندي ڏٺو ويو آهي ، جڏهن ته مغلن شهر جي رسد بند ڪري ڇڏي آهي ، پر ڀائي ڪنيو کين برابر پاڻي پهچائي رهيو آهي . گروبند سنگهه کيس گهرايو ۽ چيو ته ڀائي ڪنيا هي تون ڇا ڪري رهيو آهين . دشمنن جي زخمين جي ملم پٽي به ڪري رهيو آهين ۽ کين پاڻي به پهچائي رهيو آهين . ڇا اهو سچ آهي؟ ڀائي ڪنيا جواب ڏنو ، گرو جي اهو درست آهي ، پر جنگ جي ميدان ۾ مرندي يا زخمي ٿيندي مون نه سک ڏٺو نه مغل ڏٺو . مون رڳو انسان ڏٺا ، جيڪي مري ۽ تڙپي رهيا هئا . اهي سڀ هڪ ئي خدا کي ياد ڪري رهيا هئا . مون کي انسانن جي خدمت جو سبق مليو آهي . سکن يا مسلمانن جي خدمت جو نه!
گرو گوبند سنگهه سندس جواب کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ چيائين ته هن ئي گُرٻاڻيءَ کي سمجهيو ۽ پرکيو آهي . گرو گوبند پوءِ هن کي ڪجهه دوائون ڏنيون ۽ چيو ته تون هاڻي زخمين جي ملم پٽي به ڪندو ڪر .
اڄ به ڀائي ڪيني جا پوئلڳ هر قسم جي ڀيدڀاؤ کان آجا آهن ، جڏهن به ڪو خير جو ڪم ڪندا آهن ته سڄي انسانيت کي سامهون رکي ڪندا آهن . سندس سنڌ ۾ به ڪيترا ئي پوئلڳ آهن .


لفظ ڀائي ڪنياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو